ٿيئٽر والا ناٽڪ منڊلي بمبئي

ٿيئٽر والا ناٽڪ منڊلي، بمبئي: هن ناٽڪ منڊليءَ جو وجود 1980ع ڌاري پيو، جنهن جا روح روان ڪيرت ٻاٻاڻي، لڇو گيهي، وشنو ڀاٽيا، پي بي چاند ۽ جسونت ڪمار هئا.
هن ناٽڪ منڊليءَ ذريعي اصلاحي، سماجي ناٽڪ پيش ڪيا ويندا هئا، جن ڏسندڙن ۾ ڪافي مقبوليت ماڻي. هن ناٽڪ منڊليءَ جي مکيه ليکڪن ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي، وشنو ڀاٽيا ۽ هدايتڪار جسونت ڪمار هئا.
هن منڊليءَ جا رچايل ٻه ناٽڪ: ’ننڊ نه ڪر نادان‘ ۽ ’جاڳو موهن پياري‘ بيحد مقبول ٿيا. هن منڊليءَ جا مکيه ڪلاڪار: آسن وسياڻي، رتن جھامناڻي ۽ جسونت ڪمار هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو